نصير آباد ۾ ڪلارڪ جو شاهينگن خلاف احتجاج

نصيرآباد (رپورٽر) تعليم کاتي جي ڪلرڪ ۽ شاعر اياز خليل چنجڻي تعلقا پريس ڪلب ۾ دانهيندي چيو ته اڄ مان جيئن ئي نيشنل ب.نڪ مان پنهنجي پگھار ڪڍرائي نڪتس ته منهنجي کيسي ۾ پيل پيسا نا معلوم شاهينگ ڪڍي ويا هن دانهنيدي چيو ته مان جيئن ئي پيس ڪڍرائي بئنڪ مان ٻاهر نڪري پنهنجي کيس ۾ هٿ هنيو ته منهنجو کيسو خالي هيو هن چيو ته مان پنهنجي پگھار ۽ پنهنجي گھرواريء جي   پگڙا جا پيسا جيڪي 46  هزار هيا اهي ڪڍي ويا هن چيو ته ائين لڳي رهيو آهي ته اهي بشني بئنڪ ۾ موجود هيا جيڪي منهنجي پويان لڳي منهنجي کيسي مان سمورا پيسا ڪڍي ويا آهن هن چيو ته مان غريب مسڪين آهيان منهنجي گھر جو چلهو پگھار جي پيسن تي هلندو آهي هن چيو ته مان ڊي ايس پي نصيرآباد سميت ايس ايڇ او نصيرآباد کي عرض ڪري چڪو آهيان خدارا منهنجي مدد ڪري مون کي منهنجا پيسا واپس ڪرايا وڃن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.