ٺاروشاهه ۾ گئس لوڊشيڊنگ جو آزار وڌي ويو، احتجاج

ٺاروشاهه (ن ع آ)ٺاروشاهه ۾ سوئي سندرن ڪمپني جي ڪرپٽ ڪامورن جي نااهلي ۽ رشوت خوري سبب ٺاروشاهه ۾ گئس لوڊ شيڊنگ جو آزار وڌي ويو آهي جنهن سبب عوام سخت پريشان آهي لوڊ شيڊن عوام بيزار ٿي روڊن تي نڪري آيو ۽ رانا محمد نعيم راجپوت اقبال قريشي جي اڳواڻي ۾ سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سهر ۾ مسلسل گئس جي غير اعلانيا لوڊ شيڊنگ جاري آهي جڏهن ته گئس جي لوڊ شيڊنگ سبب ماڻهو ماني کائڻ به نه ٿا سگهن هنن چيو ته ڪيترائي ڀيرا گئس لوڊ شيڊنگ خلاف احتجاج ڪيا پر ڪوبه قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي هنن چيو ته ڦوري طور تي گئس لوڊ شيڊنگ بند ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيا ويندا .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.