مڇ ۾ شيعا مزدورن جي قتل خلاف نوابشاهه ۾ احتجاج

نوابشاهه(ڊر) بلوچستان جي علائقي مچ ۾ بيدرديءَ سان قتل ٿيل ھزارہ شيعا مزدورن جي خلاف مجلس وحدت مسلمين پاران مولانا سجاد محسني، علامه مختيار امامي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته بلوچستان ۾ ھزارہ شيعه مزدورن جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، ھنن چيو ته بلوچستان حڪومت جي نااهلي جي ڪري مزدورن ۽ پوڙھيتن کي بيگناهه ٽارگيٽ ڪلنگ ڪري قتل ڪيو ويو، ھنن چيو ته مزدورن جي قتل جا حڪومتي رياستي ادارا ذميوار آھن، ھنن چيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري مزدورن جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.