احمدپور لڳ شاخ کي 3 جڳهن تان گهارا،سوين ايڪڙ فصل پاڻي هيٺ

احمدپور (رپورٽ : نديم راجا ميتلو ) احمدپور لڳ ڳوٺ فتح علي چانڊيو وٽان مهيسر شاخ کي ٽن هنڌا 15 کان 20 فٽن جا الڳ الڳ ٽي گھارا پئجي ويا جنهن سبب پاڻي ڪڻڪ جو فصل ۽ باغ ٻوڙي گھرن ۾ ڪاهي پيو جڏهن ته ڳوٺاڻن پاران بروقت اطلاع ڏيڻ باوجود آبپاشي کاتي جو ڪو عملدار نه پهتو جنهن سبب آبادگارن جو لکين رپپين نقصان ٿي ويو ان ڏس ۾ ڳوٺاڻن خيرمحمد ، پيرل چانڊيوسبحان ، ملڪ چانڊيو ۽ ٻين صحافين اڳيان سخت احتجاج ڪندي چيو ته آبپاشي عملدارن جي لاپرواهي سبب گذريل سال ۾ ساڳئي شاخ کي هڪ سئو کان وڌيڪ گھارا پئجي چڪا آهن پر انتظاميه خلاف ڪو به قدم نٿو کنيو وڃي ۽ هر ڀيري گھر، باغ ،ڪڻڪ، ڪمند، ڪيلا، سبزيون ٻڏي وڃن ٿا جنهن سبب لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي هنن وڌيڪ چيو ايس ڊي او ايريگيشن جي ملي ڀڳت سبب دارواغا پئسن عيوض پاڻي وڪري جو ڪاروبار ڪري رهيا آهن ۽ بااثرن کي پاڻي وڪرو ڪرڻ خاطر غريب هارين جو جيئڻ جنجال ڪري رهيا آهن جيڪا وڏي ناانصافي آهي جڏهن ته هر سال جيان هن سال به مٽي مافيا ايس ڊي او ۽ داروغن سان ڊيل ڪري ڇڏي آهي شاخ مان مٽي کڻن ڪري شاخ جا ڪپر انتهائي ڪمزور  ٿي ويا آهن جنهن ڪري گهارا پوڻ روز جو معمول بڻيل آهن هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته لاپرواهي ڪندڙ عملي خلاف سخت ڪاروائي ڪري ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.