خانپور مهر ۾ ڳوٺاڻي جو بااثرن خلاف احتجاج

خانپور مهر (ن ع آ) خانپورمهر لڳ ڳوٺ ڪريم داد گڏاڻي واسي پورهيت الله بخش گڏاڻي تعلقه پريس ڪلب خانپورمهر پهچي احتجاج ڪندي ٻڌايو  ته ديهھ ٻاڙي تعلقو خانڳڙهه تپو مٺڙي ۾ واقع منهنجي 4 ايڪڙ زرعي زمين تي بااثرن قبضو ڪري ڇڏيو آهي، متاثر ڳوٺاڻي الله بخش گڏاڻي، وڌيڪ ٻڌائيندي چيو ته بااثر جوابدارن خلاف  ڪيترائي ڀيرا خانپورمهر ٿاڻي تي چڪر ڪاٽي چڪو آهيان ليڪن خانپورمهر پوليس  بااثر جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ کا قاصر آهي   ڳوٺاڻي الله بخش گڏاڻي ٻڌايو ته آءِ زرعي زمين تي بااثرن جي  قبضي جي خلاف ايس ايس پي گهوٽڪي کان بااثر جوابدارن خلاف درخواست فارورڊ ڪرائي آيو آهيان پر پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي متاثر ڳوٺاڻي ايس ايس پي گهوٽڪي ڊي آءِ جي سکر ۽ ٻين وس وارن کان انصاف جي گهر ڪندي زبردستي قبضي هيٺ آيل زرعي زمين کي آزاد ڪرائي ملوث بااثر جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري ساڻن انصاف جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.