پنوعاقل (ن ع آ)ڳوٺ يار علي زنگيجو ۾ رھندڙ پورھيت تنوير ولد بشير احمد زنگيجو دل بيھڻ ڪري فوت ٿي ويو،چيو وڃي ٿو ته سومر ڏينھن صبح جو تنوير کي ڇاتي ۾ سور پوڻ ڪري پنوعاقل اسپتال آندو ويو،جتي ھو فوت ٿي ويو،ڊاڪٽر موجب تنوير عمر 40 سال اسپتال پھتو ته ان وقت تائين فوت ٿيل ھو،اسپتال ۾ ڳوٺاڻي جي وارثن ۾ ڪھرام مچي ويو
مچ ۾ 11 پورهيتن جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن: سيد ناظر عباس نقوي
شادي پلي( ن ع آ ) شيعا علماءِ ڪائونسل سنڌ جو صوبائي صدر ۽ متحده مجلس عمل سنڌ جو جنرل سيڪريٽري سيد ناظر عباس تقوي تنظيمي دوري تي گذريل ڏينهن شام ڌاري مرڪزي امام بارگاھ شادي پلي پهتو ۔ جتي سيد عمران شاھ نقوي ساجن پلي مولائي اياز پلي ۽ ٻين مومنن کيس ڀليڪار ڪيو ۔ ان موقعي تي سيد ناظر عباس تقوي بلوچستان جي علائقي مچ ۾ بيدردي سان قتل ٿيل مزدورن واري واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ 14 فيبروري تي سکر کان وزير اعليٰ هائوس ڪراچي تائين رٿيل احتجاج ۾ شرڪت جي پڻ اپيل ڪئي. ان بعد شيعا ڪائنسل جو صوبائي اڳواڻ شادي پلي موڙ لڳ ڳوٺ صاحب خان لاشاري ۾ پڻ پهتو جتي شاھ بخش لاشاري ، چاڪر لاشاري ۽ ٻين مومنن سندس آڌر ڀاء ڪيو