ڪاٺوڙ جا ڳوٺ سهولتن کان محروم، رهواسي پريشان، احتجاج

گلشن اقبال (رپورٽ:شفقت نوناري)ملير ڪاٺوڙ جي سول سوسائٽي پاران پاڻي کو صحت تعليم سميت بنيادي مسئلن جي حل لاءِ موٽروي تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو احتجاج جي اڳواڻي غفور ڪاڇيلو، خادم حسين ڇٽو، عرفان جوکيو ڪري رهيا هئا احتجاجي مظاهرو ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته ڪاٺوڙ سميت ڀرپاسي جا ڳوٺ جديد دور ۾ به بنيادي سهولتن کان محروم آهن چونڊيل نمائندن کي پرواھ ناهي ڪاٺوڙ جي سالن کان بجلي بند آهي پيئڻ جي صاف پاڻيءَ کان محروم آهن اسڪولن جي صورتحال خراب آهي اسپتالن ۾ دوا ناهي موٽروي انتظاميا رستا بند ڪري عوام کي تڪليف ۾ وجهي ڇڏيو آهي منشيات عام آهي پوليس خاموش آهي احتجاج ڪندي وڌيڪ چيو ته ايم اين اي سردار ڄام عبدالڪريم جوکيو ۽ ايم پيز ساجد جوکيو سليم بلوچ سميت وس وارا فوري طور علائقي جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ اڳتي اچن هنن چيو ته ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر گهنور خان لغاري کي پرواھ ناهي روڊ رستا تباھ آهن ڪو ٻڌڻ وارو ناهي هي احتجاج جي شروعات آهي جيڪڏهن واھر نه ڪئي وئي ته ڪاٺوڙ جو عوام سخت احتجاج ڪندو هنن چيو ته ملير جي سياسي ڀوتارن کي اهو احساس ناهي ته هنن جي ڳڙھ واري علائقي ڪاٺوڙ جي سالن کان بجلي بند آهي پاڻي بند روڊ ناهن نوجوانن لاءِ نوڪرين ناهن اسان مطالبو ڪريون ٿا ته ڪاٺوڙ سميت علائقي جا مسئلا حل ڪيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.