نئين آباد ۾ عطائي ڊاڪٽرن جو آزار، شهري پريشان

نئون آباد  (رپورٽ:سائين  بخش راڄپر ) سانگهڙ ضلعي جي تاريخي شهر نئون آباد  ۾ عطائي ڊاڪٽرن جون  اسپتالون قائم ڪري ٻھراڙي جي غريب اٻوجھ ماڻھن جي حياتين سان کيڏڻ لڳا عطائي ڊاڪٽرن جي علاج ڪرڻ سبب ڪيترائي ماڻھون پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا ۽ غريب اٻوجھ ماڻھن کي لٽڻ ڦرڻ لڳا ۽ غلط علاج ڪرڻ لڳا صحت کاتو سانگهڙ  خبر هوندي به عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪو به قدم نه کنيو عطائي ڊاڪٽر عورتن جو به علاج ڪرڻ لڳا مگر صحت کاتي سانگھڙ پاران عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪو به قدم نه کنيو علائقي جي سماجي اڳواڻن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان وڏي وزير سيد مراد علي شاه ۽ صحت واري صوبائي وزير کان نوٽيس وٺڻ ۽ عطائي ڊاڪٽرن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري سندن اسپتالون سيل ڪري ڪيس داخل ڪري عطائي ڊاڪٽرن خلاف قدم کنيو وڃي ۽ وڌيڪ انساني جانيون بچايون وڃن ۽ انهن جي پٺبرائي ڪندڙن مٿان به ڪيس داخل ڪري انساني جانيون بچايون وڃن ۽ عطائي ڊاڪٽر استعمال ٿيل انجيڪشن هر هڪ ماڻھون تي استعمال ڪرڻ لڳا . نئون آباد واسين مطالبو ڪيو تي نئون آباد ۾ عوام لاء ڪاسائي بڻيل عطائي ڊاڪٽر کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيا وڃن ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.