حيدرآباد ۾ شهرين جو گندگي خلاف احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي علائقي ڀينس ڪالوني جي رهواسين گهرن ۾ گندو پاڻي اچڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو. ان موقعي تي لکمي ۽ ٻين الزام هڻندي چيو ته سندن گهرن جي پاسي ۾ گندي پاڻي جو نالو ۽ مينهن جا واڙا قائم ٿيل آهن، انهن جو پاڻي اسان جي گهر اندر داخل ٿي رهيو آهي، جنهن سبب ٻچڙا سخت بيمار ٿي پيا آهن. هنن چيو ته گندو نالو ٽٽي پيو آهي ۽ مال جا واڙا به جام آهن، جنهن جو سمورو پاڻي اسان جي گهرن ۾ داخل ٿئي ٿو. هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته ڄاڻايل معاملي جو نوٽيس وٺي ايندڙ گندو پاڻي بند ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.