کوسڪي ۾اٽو بليڪ تي وڪرو، غريب پريشان

کوسڪي (رپورٽ: غلام رسول کوسو) کوسڪي ۾ عام واھپي جون شيون آسمان تي چڙھي ويون اٽو ستر روپيا  بليڪ تي وڪامجڻ لڳو دڪاندارن جي ھڪ ھٺي قائم مزدور طبقو پريشان انتظاميا اگھور  ننڊ ستل يوٽيليٽي  اسٽور تان به اٽو کنڊ غائبخبر موجب کوسڪي شھر ۾ منھگائي تي ظابطو نه اچي سگھيو عام واھپي جو شيون آسمان سان ڳالھيون ڪرڻ لڳيون اٽو ستر روپيا دڪاندار بليڪ تي ڏيڻ لڳا گيھ ٻه سو چاليھ کنڊ ھڪ سو ڏھ مرغي چار سو ٽماٽا اڍائي سو تي وڪامجڻ لڳا جڏنھن  ته يوٽيليٽي  اسٽور تان اٽو کنڊ ۽ ٻيو سامان غائب ھتان جي رھواسين ستار ٻرڙو حيدر شيخ عمران کوسو ميان خان ۽ ٻين ميڊيا اڳيان دانھيندي  چيو ته گذريل ميھني کان کوسڪي جي پاپارين جي ھڪ ھٺي قائم آهي ھٿراڌو ريٽ ٺاهي غريبن سان ظلم پيو ڪيو وڃي انتظاميا اگھور ننڊ ستل آهي ھنن اعليٰ اختيارن کان فوري نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.