رسول بخش درس ۽ پارس حميد سنڌي ادب جا روشن ستارا آھن: ساڃاهه وند

سکر( رپورٽر) رسول بخش درس ۽ پارس حميد، سنڌي ادب جا روشن ستارا آھن، سندن ڪم ۽ ڪردار کي تاريخ ۾ ھميشہ ياد رکيو ويندو، اھڙن خيالن جو اظھار مختلف ساڃاھ وندن نامياري ڪھاڻيڪار رسول بخش درس، ۽ نامياري شاعر پارس حميد جي ياد ۾ منعقد ڪيل تعزيتي ريفرنس ۾ ڪيو ويو، سنڌي ادبي سنگت شاخ خيرپور پاران چلڊرينس اڪيڊمي خيرپور جي تنوير عباسي ھال ۾ منعقد ٿيل تعزيتي ريفرنس کي صدارتي خطاب ۾ نامياري ڪهاڻيڪار اختر ٽانوريءَ چيو ته رسول بخش درس سنڌي ادب جي دنيا ۾ گھاٽي بڙ جي ڇانو وانگر ھيو، ھو راڳ ۽ موسيقيءَ جو وڏو ڄاڻو ھو. پارس حميد نثري نظم جو اڳواڻ شاعر ھيو، ھن جون سنڌي ادبي سنگت لاءِ وڏيون خدمتون هيون، خاص مهمان نامياري شاعر ڪوثر ٻرڙي چيو ته رسول بخش درس ڪوششن سان ريڊيو حيدرآباد ۾ "حسن درس اسٽوڊيو” قائم ٿيو، ھن ھميشه نوجوان راڳين کي اڳتي آندو، پارس حميد نٽري نظمن ۾ نوان تجربا ڪيا، ھو محبت ڏيڻ وارو دوست ھو، خاص مھمان مير صوبدار سعيد چيو ته رسول بخش درس جھمپير جي سڃاڻپ ھيو، پارس حميد ساھتي پرڳڻي جو ساھ سيباڻو ڪوي ھيو، نامياري سفرنامه نگار قربان منگيءَ چيو ته رسول بخش درس سنڌ جو ثقافتي سفير ھيو، "پوپٽ” پاران "پارس حميد ڪارنر” شايع ڪري اسان کيس زندگيءَ ۾ ئي مڃٿا ڏني، نامياري ڪھاڻيڪار ابراھيم کرل چيو ته رسول بخش درس ڪھاڻي ڪانفرس ۾ منھنجي ڪھاڻي ٻڌي ان جو عنوان "درياءَ جي ھن پار” رکڻ جي صلاح ڏني ۽ اھو نالو ئي مون ڪھاڻي ڪتاب تي رکيو، پارس حميد سکر کان حيدرآباد تائين اسان لاءِ ڇانوري جھڙو شخص ھيو، نامياري شاعر امراقبال چيو ته جھمپير ۾ ھزارين ماڻھن جون آليون اکيون ڏسي رسول بخش درس جي پوکيل محبت جو احساس ٿيو، پارس حميد وفات کان ڪجھ ڏينھن اڳ حڪم ڪيو ته من سندس نثري لکڻين جي ڪتاب جو مھاڳ لڳان، ٻئي سنڌي ادب جا وڏا ماڻھو ھئا، نامياري شاعر روشن شيخ چيو ته پارس حميد نظم جي دنيا ۾ اسان جو سونهون ھيو، ۽ ھڪ شفيق دوست ھيو، تقريب ۾ نامياري راڳي ڊاڪٽر عاشق راڄپر وڇوڙي جو گيت جھونگاري ماحول ۾ اداسي ڀري ڇڏي، تقريب جي ڪاروائي سنگت شاخ خيرپور جي سيڪريٽري محمد علي سھتو ھلائيندا، ياسين جوڻيجو، آزاد انصاري، ھاشم ڀٽي، خليق ڀنڀرو، فھيم منگي، نشا ڪنول، ثاقب ڀٽي سميت علم، ادب فن ۽ ثقافت سان لاڳاپيل مھمانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.