شھرين تعلقي موري کي لاوارث قرار ڏئي ڇڏيو

مورو (ن ع آ)ايڊمنسٽر مورو،سي ايم مورو،۽ ٻين وس وارن عملدارن طرفان شھرين جي شڪايت دور ڪرڻ لائي مورو ٽائون ڪاميٽي جي ھال ۾ گڏجاڻي گھرائي ورتي،ان موقعي تي سياسي، سماجي، علمي، ادبي، شھرين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي انتظاميا سان ڳالھائيندي عزيز چانڊيو، خادم کوسو، بدرالدين ميمڻ، امجد آرائين، رشيد قريشي، جاني مورائي، اياز سولنگي، دائم ٻرڙو، اسلم ڪورينچو، بلاول ڏاھري، امين چوھاڻ، وقار ڪلھوڙو، محمود اعواڻ ۽ ٻين شڪايت ڪندي چيو ته تعلقو مورو سڄو مسئلن جي ور چڙھي ويو آھي، شھرين کي بنيادي سھولتون به ميسر ناھن، شھر گندگي سبب کنڊرات جو ڏيک ڏئي رھيو آھي،شھر گٽرن سان ڀرجي ويو آھي، صحت، تعليم اڻ شھرين لائي اڻ لڀ بڻجي ويون آھن، جر سڄي شھر جو زھريلو ٿي ويو آھي، شھرين لائي 2 لڳل فلٽر پلانٽ به ناڪارا بڻيل آھن، اسپتال مسئلن جي ور چڙھيل آھي، آيل بيمار مرد عورتون معصوم ٻار مريض بي يارو مددگار بڻيل آھن، اسپتال ۾ سرنج به ميسر ناھي، شھرين وڌيڪ چيو ته ھي گڏجاڻي شھرين کي گمراهھ لائي آھي ۽ صرف فوٽو سيشن ٿيندو، جڏھن ته انتظاميا طرفان شھرين جي شڪايت ختم ڪرڻ لائي يقين ڏياريو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.