گهوٽڪي عادلپور ٻيلي ۾ شڪارين سوئر ڇڏي ڏنا، احتجاج

گهوٽڪي (ڊ ر) گهوٽڪي عادلپور ٻيلي ۾ شڪارين سوئر ڇڏي ڏنا، ان ڏس ۾ڳوٺ چنيسر رڪ ۽ ٻين ڀرپاسي جي ڳوٺن جي رهواسين حآفظ اياز علي رڪ ، بابر علي رڪ ، احمد علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڳوٺاڻن احتجاج ڪيو  سندن چوڻ هو ته لاڪ ڊائون جي صورتحال کان بعد ، ماڪڙ جي تباهه ڪارين، بعد ۾ نقلي زرعي دوائن جي ڪري اڳ ۾ ئي فصلن کي ڪاپاري ڌڪ لڳڻ سبب آبادگار معاشي طور تي ڪنگال ٿي ويا آهن مٿان وري شڪارين عادلپور ٻيلي ۾ هڪ درجن کان وڌيڪ شڪار لاءِ سوئر ڇيڪ ڇڏي ڏنا آهن جيڪي فصلن کي نقصان پهچائڻ سان گڏ ماڻهن تي به حملو ڪري رهيا آهن ، ڳوٺاڻڻ ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي ، ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو آهي ته ماڻهن ۽ فصل کي نقصان رسائيندڙ سوئرن کي کلي عام ڇڏيندڙ شڪارين خلاف ڪيس داخل ڪري ڪاروائي عمل ۾ آڻي هنن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.