سکر ۾ مقتول جي وارثن جو انصاف نه ٿيڻ خلاف احتجاج

سکر (رپورٽر) مزدوري تان واپس ايندي پوليس ھٿان قتل ٿي ويل نوجوان پورهيت سرفراز عرف ڪالو جي وارثن سان انصاف نه ٿيو ھيومن رائيٽس يونٽي فائونڊيشن پاران مقتول جي وارثن سان گڏ سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج ايڇ آر يو ايف جي چيئرمين ايڊووڪيٽ الاھي بخش ميتلو.عبدالمجيد ميتلو، زبيده گھانگھرو، شھناز منگي، سڳنڌ منگي، شمائلا، فيروز، شيراز احمد، سرفراز ۽ ٻين احتجاج ڪندي صحافين آڏو دانهيو آهي ته خيرپور جي اي سيڪشن پوليس 29 ڊسمبر تي مزدوري تان واپس ايندي پورھيت سرفراز کوکر کي بلا جواز گرفتار ڪري کيس سخت تشدد جو نشانو بڻايو جنھن ۾ ھو فوت ٿي ويو آهي ھنن ٻڌايو ته مقتول نوجوان جا وارث انصاف لاءِ در بدر جون ٺوڪرون کائڻ تي مجبور آهن ھنن ٻڌايو ته ڊي آءِ جي سکر سان متاثرن جي واهر لاءِ ملاقات به ڪئي آهي جنھن ڪيس جي جاچ آفيسر کي اڻ ڌري جاچ ڪري متاثرن سان انصاف فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ھنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته معامري جو نوٽيس متاثر خاندان سان انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.