شادي پلي ۾ شهرين کي ڪنو پاڻي فراهم، بيماريون

شادي پلي( ن ع آ )شادي پلي ۾ واٽر سپلاء لائينون ناڪاره ۔ گندي پاڻي جي فراهمي ۔ بيمارين ۾ واڌ  ۔ انتظاميا خاموش ۔ نوٽس وٺڻ جو مطالبو ۔ تفييل موجب ۔  پبلڪ هيلٿ کاتي جي نااهلي سبب شادي پلي شهر کي واٽر سپلاء جو پاڻي فراهم ڪرڻ لاء وڇايل پائپ لائينون  ناڪاره ٿي ويون آهن  ۔ سموري شهر کي پاڻي مهيا ڪرڻ لاء وڇايل پائپ لائينون هنڌان ھندان ٽٽڻ سبب سيوريج جو  پاڻي ملي ويو آهي ۔ جنهنڪري شادي پلي واسي  گذريل وڏي عرصي کان  کي صحت لاء ھاڃيڪار پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهن۔ جنهنڪري ڪيترائي مرد ۔ عورتون توڙي معصوم ٻار گدلو پاڻي واپرائڻ سبب ڪاري ڪامڻ ۔ السر ۔ معدي ۔ پيٽ سميت چمڙي جي مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن ۔ پر ان باوجود انتظاميا شهرين کي صاف پاڻي فراهم ڪرڻ ڪي بہ قدم نہ کنيا آهن ۔ ان ڏس ۾ هتان جي شهرين رحمان شاھ ۔ نواز ڪي بي ۔ عمران شاھ لڪياري ۔ ساجن پلي ۔ ڌڻي بخش ڪي بي ۔ رجب خاصخيلي ۔ ڪمليش ڪولهي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو تہ شادي پلي شهر ننڌڻڪو بڻيل آهي ۔ لکين روپيا بجيٽ هئڻ باوجود واٽر سپلاء جون ٽٽل پائپ لائينون نہ ٺهي سگهيون آهن ۔ جنهنڪري شادي پلي واسين کي گذريل وڏي عرصي کان گدلي پاڻي جي فراهمي جاري  آهي ۔ جنهن سبب مختلف بيماريون پکڙجي ويون آهن ۔ . ڪافي ڀيرا انتظاميا کي شڪايتون ڪرڻ باوجود ڪو بہ کڙتيل نہ نڪتو آهي ۔  هنن اعلہ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي تہ ترت نوٽس وٺي ٽٽل پائپ لائين جي مرمت ڪرائي شادي پلي واسين کي صاف پاڻي فراهم ڪيو وڃي تہ جيئن شهري  بيمارين  کان بچي سگهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.