کوکرا پار ۾ سماجي تنظيم طرفان عورتن بابت سيمينار

کوکراپار (ن ع آ) گذريل ڏهاڙي ملير جي تجارتي مرڪز مراد ميمڻ ڳوٺ ۾ سماجي تنظيم ٻانھن ٻيلي پاران هڪ روزہ هم آواز جي عنوان هيٺ سيمينار ڪوٺايو ويو جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ملير جي مختلف علائقن کان عورتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي عبدالرزاق کيمٽيو، سليم ميمڻ ساجدہ ميمڻ ،قادر رضا، عظمه، نگهت،راحيله سيمينار ۾ ڳالهائيندي چيو ته جتي دنيا ترقي جون منزلون طئي ڪيون آهن اتي سنڌ جي ٻهراڙي جون عورتون اڄ به پنهنجي بنيادي حقن کان محروم آهن، اسان جي تنظيم مختلف علائقن ۾ ڪم ڪري رهي آهي عورتن کي آفيسن، اسپتالن توڙي ٻين کوڙ ساري جڳهين تي مسئلا درپيش آهن، ڏٺو وڃي ته جديد ۾ ٻهراڙي جون عورتون سياست کان پري هجڻ سبب ٻين عورتن جي مالڪي نه ٿي رهي آهي، جيستائين عورتن جي سياسي شعور نه ڏنو ويو ته هو پنهنجا حق وٺڻ ۾ ڪامياب نه وينديون، سياسي سماجي شعور جي حوالي سان کين گائيڊ لائين ڪرڻ ۽ جيڪي عورتون سياست ۾ موجود کين مڪمل طور تي مدد فراهم ڪرڻ اسان جي ذميداري آهي جنهن جي لاءِ اسان جي تنظيم باقاعدگي سان سڄي سنڌ ۾ ڪم ڪري رهي آهي.

سانگهڙ ۾جاکوڙي صحافي نجي ٽي وي جو رپورٽر مقرر، هار پارايا ويا

سانگهڙ(ڊ  ر)  ورڪشاپ  جي نوجوان صحافي قلم جي محنت سان وڏي ڪاميابي جي منزل تائين پھچي نجي ٽي وي جو رپورٽر مقرر ٿيڻ تي عوام ۾ خوشي جي لهر سندس حق ۾ مبارڪبآد  سوشل ميڊيا جو زينت بڻجي ويو ورڪشاپ نيشنل پريس ڪلب جي صدر ۽ نوجوان جاکوڙي صحافي ساگردين محمد بلوچ کي  ٽي وي جو رپورٽر منتخب ٿيڻ بعد ورڪشاپ جي عوام ۾ خوشي جي لهر سوشل ميڊيا سميت عوام پاران آفيس پهچي هار پارائي مبارڪبآد ڏئي خوشي جو اظهار  ٽي وي جي پوري سٿ جا ٿورا مڃيون ،ورڪشاپ جي محنتي ۽ جاکوڙي نوجوان صحافي ساگردين محمد بلوچ کي آواز چينل جو نمائيندو مقرر ٿيڻ تي عوام ۾ خوشي جي لهر ۽ مبارڪبآد جو سلسلو جاري  انهي دوران سانگهڙ شر اتحاد جي اڳواڻ حاجي رئيس ڪمالدين شر، علي حسن نظاماڻي ، اسد نظاماڻي، طارق خٽڪ، وڏيرو غلام رسول شر، هارا پارايا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.