ڀان ۾ اميدوارن جو آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاج

ڀان سيدآباد ( ت ر ) ڀان سيدآباد ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ڪامران احمد سومرو، غلام مصطفيٰ سومرو، عبدالستار سولنگي، پرويز احمد سومرو، محمد بخش سومرو، ارشاد علي ڀٽي، وقار علي ملاح، محمد صديق ڀٽو، مظھر کوسو، عرفان ميمڻ زاھد حسين،  وحيد علي، غلام شبير ڀٽي، امداد علي جتوئي، فرحان علي بروهي، ظفر علي ميمڻ، عبدالرئوف اوٺو، علي اصغر کوسو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سال 2013ع ۾ اسان اين ٽي ايس جي ماتحت پرائمري استادن جي ٽيسٽ پاس ڪئي پر پنهنجي يوسين ۾ استادن جون خالي جايون نه هئڻ ڪري ڀرتي جو عمل ٿي نه سگهيو ,بعد ۾ ان وقت جي تعليم کاتي جي آفيسرن اسان سان ويساھ گهاتيون ڪندي پنهنجا مٽ مائٽ ۽ ڏوڪڙن عيوض نوڪريون کپائي اسان سان ناانصافي ڪئي آهي،  تازو سنڌ حڪومت پاران تعليم کاتي ۾ ستٽيه هزار نين نوڪرين جو اعلان ڪيو ويو آهي پھريان اسان کي پنھنجو حق ڏنو وڃي پوءِ ٻي ڀرتي ڪئي وڃي، هنن چيو ته پاس مارڪون 60 سيڪڙو رکيون ويون آهن ,جڏهن ته اسان 80 کان 90 سيڪڙو کان مٿي مارڪون کڻي پاس ٿياسين، پر نوڪري نه ملي،  جيڪا سراسر ناانصافي آهي، اسان وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، ايم اين اي سردار سڪندر راھپوٽو نوٽيس وٺن نه ته پاڻ کي وڏي وزير جي ھائوس واھڙ اڳيان پاڻ کي باھ ڏئي ساڙينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.