ڪي اين شاهه ۾ ملاح برادري جو فشريز کاتي جي عملدار خلاف احتجاج

خيرپورناٿن شاهه ( ن ع آ ) خيرپورناٿن شاهه ۾ فشريز کاتي جي ناانصافين  خلاف يارهين  ڏينهن به وڏي انگ ۾ ملاح برادري جا ماڻھو فشريز کاتي جي عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪندا ڊگري ڪاليج کان منٺار علي ملاح، ذولفقار ملاح، غلام شبير ملاح، لياقت ملاح، منظور ملاح، بشير احمد ملاح جي اڳواڻي ۾  ڪميونٽي سينٽر تائين احتجاجي مظاهرو ڪري مين روڊ تي ڌرڻو هنيو، ان بعد مظاهرين 4 ڪلاڪ علامتي بک شروع ڪئي بک هڙتال ڪئمپ تي ميهڙ راڌڻ سيتا ڪڪڙ ڪنڊيچکي گوزو ۽ ٻين هنڌن کان وڏي انگ ۾ ملاح برادري جي ماڻھن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن صحافين اڳيان دانهيو ته فشريز کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اسان ملاحن کي ڍورو شام ڍنڍ جو لائسنس ري نيو ڪري ڏيڻ لاءِ تيار ناهن ڍنڍ جي مڇي هڪ بااثر شخص فشريز کاتي دادو جي عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري ٻورڙي پوليس جي مدد سان غير قانوني طور ڏاڍ ذريعي مڇي ماري اسان ملاحن کي بيروزگار ڪري ڇڏيو آھي اسين فشريز کاتي جي صوبائي وزير ۽ صوبائي سيڪريٽري کان مطالبو ٿا ڪريون ته نوٽيس وٺي فشريز کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر  دادو کي فوري طور تي هٽائي اسان ملاحن جو لائسنس ري نيو ڪري ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.