سيوهڻ ۾ ايس يو پي جو گئس ڪمپني خلاف احتجاجي مظاهرو

سيوھڻ (رپورٽ: خالد ميمڻ ) سيوھڻ ويجھو يوسي جھانگارا ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ آس پاس جي ڳوٺاڻن پاران اي اين آءِ تيل گئس ڪمپني پاران قائم ڪيل صحت مرڪز ۽ اسڪول بند ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڪمپني خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي ميڊيا آڏو دانهيندي ايس يو پي اڳواڻ آزاد  غفور نوحاڻي، منصور چنا، مولا بخش نوحاڻي، اسد خاصخيلي، شاھد شاهه، غلام رباني ٻٻر ۽ ٻين چيو ته   يوسي جھانگارا ۾ قائم اي اين آءِ تيل ۽ گئس ڪمپني مقامي ماڻهن سان ناانصافين ۽ ظلمن جي انتها ڪري ڇڏي آهي عالمي قانون تحت ڪمپني انتظاميه مقامي ماڻهن کي بنيادي سهولتون ڏيڻ جي پابند آهي، پر ھتي سياسي ڀوتارن جي چوڻ تي اي اين آءِ ڪمپني انتظاميه  جهانگارا ۾ قائم ٿيل ايم سي ايڇ اسپتال، صحت مرڪز مراد مري. صحت مرڪز، نئينگ ۽ 16 ڪميونٽي اسڪول بند ڪري ڇڏيا آھن جيڪا وڏي زيادتي آهي، 16 اسڪول بند ٿيڻ سان هزارين  شاگردن جي تعليم متاثر ٿيندي، ڪيترو ئي اسڪول جو عملو بيروزگار ٿيندو، هنن چيو ته جهانگارا ۾ ٻارن جي تربيت لاءِ ڪميونٽي سينٽر ۽ ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر کي به بند ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن، وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه، سوشل ويلفيئر ڪاميٽي جي چيئرمين ايم اين اي سڪندر راهپوٽو، ڊي سي ڄامشورو نوٽيس وٺن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.