لاڙڪاڻي ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تي ٺهيل پارڪ تي مبينا قبضو، احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ آبپاشي کاتي جي ملازم سماجي تنظيم جي اڳواڻ طرفان شهر جي لاهوري ريگيوليٽر وٽ آبپاشي کاتي جي زمين تي ٺهيل پبلڪ پارڪ تي مبينا قبضي خلاف هٿن ۾ تئو، تيل ۽ بئنر کڻي ڪالھ به پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي جميل جاگيراڻي الزام لڳائيندي چيو ته لاڙڪاڻي شهر ۾ ڪمشنر آفيس جي مُک گيٽ اڳيان رائيس ڪئنال جي لاهوري ريگيوليٽر وٽ آبپاشي کاتي جي تفريحي پارڪ تي انتظاميا جي مدد سان خانگي ماڻهن قبضو ڪري پنهنجون پرائيويٽ ايمبولنس گاڏيون بيهاري ڇڏيون آهن، جنهن ڪري شهري تفريح کان محروم بڻيل آهن، منهنجي وس وارن کي اپيل آهي ته فوري طور ڄاڻايل هنڌ تان قبضو ختم ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ سر تي ڪفن ٻڌي ڌرڻو هڻندس،

جنهن جي ذميواري انتظاميا مٿان هوندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.