جونگل (ن ع آ) جونگل بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد ابراهيم بنگلاڻي ۾ سال اڳ ٽريڪٽر ۾ ٽيپ هلائڻ تان پهوڙ ۽ بنگلاڻي برادري ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ بنگلاڻي برادري جي ٽريڪٽر ڊرائيور 45 سالا شاهنواز بنگلاڻي کي مٿي ۾ ڪهاڙيون لڳڻ ڪري سخت زخمي ٿي پيو هو جنهن کي آغا اسپتال داخل ڪيو ويو هو جڏهن ته زخمي شاهنوز بنگلاڻي مٿي ۾ گهڻا ڌڪ لڳڻ ڪري ذهني معزور بڻجي ويو هو جڏهن ته گهڻوعرصو بيماري بستري تي هئڻ ڪري عليل بڻيل هو اچانڪ طبيعت خراب ٿيڻ ڪري سکر جي حرا اسپتال ۾ فوت ٿي ويو جڏهن ته فوتي جو لاش ايمبولينس ذريعي ڳوٺ آندو ويو ميت کهر پهچڻ تي سندس گهرڀاتين ۾ ڪهرام پئجي ويو بعد ۾ لاش کي تعلقي اسپتال پوسٽ مارٽم لاء اسپتال نيو ويو