غوثپور لڳ ڏوهارين خلاف آپريشن، 2 اهلڪار زخمي

غوثپور( رپورٽ: عبدالغفار اوڳاهي)  ڪشمور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس نفري ڏوهارين  جنئيد جاگيراڻي خلاف ٻيھر آپريشن ۽  روپوش جوابدارن جي گرفتار لاءِ 100 پوليس اهلڪارن 5 اي پيسي چين ساڻ ڪري آپريشن ڪئي وئي آپريشن ۾  پوليس ۽ ڏوهارين وچ فائرنگ ڪري ڏني فائرنگ  10 ڪلاڪ پوليس ۽ڏوهارين وچ فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا  فائرنگ سبب 2 پوليس اھلڪار غلام ياسين چولياڻي نظير احمد بنگوار زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو واضع رهي ته گذريل هڪ مهيني اڳ پوليس آپريشن دوران ھڪ عورت سميت 3 ڌاڙيل پوليس مقابلي دوران مارجي ويا هئا غوثپور ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ڏوهارين پوليس مٿان راڪيٽ لانچرن جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪئي پوليس کي آپريشن ۾ ڪاميابي نه ملي سگهي . ڏوهارين جا ٽولا پوليس خلاف هڪ ٿي ويا پوليس ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن ٻيهر تيز ڪرڻ جون تياريون پوليس ڏوهارين جا رستا سيل ڪري ڇڏيا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.