پيرڳوٺ لڳ 4 مقتولن جا جوابدار آزاد، فريادين تي چڙهائيون، ڌرڻو

پيرجوڳوٺ (رپورٽ:علي گل جوڻيجو) ڪوٽ ميرمحمد لڳ قتل ٿيل ڀٽا برادري جي 4 مقتولن جي وارثن پ پ اڳواڻ صدرالدين ڀٽو، حاجي نواب ڀٽو، حاجي نبن خان ڀٽو، وڏيرو ڀاڳيل ڀٽو، ڊاڪٽر ضمير ڀٽو، عبدالوھاب  ڀٽو، حبيب الله ڀٽو جي اڳواڻي ۾ ڀٽا برادري جي ڪيترن ئي ماڻهن ڪوٽ ميرمحمد، پريالوءِ لنڪ روڊ تي احتجاجي مظاھرو ڪري ٽائرن کي باھيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن صحافين کي ٻڌايو ته فيض محمد ٻنڊو پوليس اسان جي مقتولن جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ بدران ويتر انهن جي ونگار وھندي اسان مٿان هڪ هفتي اندر 4 کان وڌيڪ ڪيس داخل ڪري گهرن تي چڙھايون ڪيون آھن، هنن الزام هڻندي چيو ته ايس ايڇ او عبدالقادر چانڊيو بدنام ڌاڙيل احمدو ناريجو ۽ ٻين سان ساز باز بڻجي اسان خلاف اڃان به وڌيڪ ڪاروايون ڪندو، جڏهن ته ناريجا برادري جي قتل ٿيل ٻڻ ڄڻن مولا بخش ۽ علي حسن ناريجو واري واقعي سان اسان جو ڪوبه تعلق نه آھي، هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان گهر ڪئي آھي ته اسان مٿان داخل ٿيل ڪوڙن ڪيسن ۽ ڄاڻايل قتلن جي جانچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي انڪوائري ڪئي وڃي ته سڀ اڇا ڪارا پڌرا ٿي ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.