لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي ڪتن تر تپائي ڇڏيو، 23 ڄڻا ڏاڙهجي ويا

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ رولو ڪتن تر تپائي ڇڏيو، رولو ڪتن 11 ٻارن ۽ 5 عورتن سميت 23 ڄڻن کي ڏاڙهي رتورت ڪري ڇڏيو جن ۾ 4 سالن جي عرفان بيبي ڌيءَ محمد ياسين، 5 سالن جي  راشده بيبي ڌيءَ گل حسن، 6 سالن جو اسد الله پٽ حامد علي، 8 سالن جو قاصر پٽ ڪاشف علي، 10 سالن جو عبدالصمد پٽ زبير علي، 10 سالن جو اسد پٽ امتياز علي، 11 سالن جو غلام نبي پٽ محمد رمضان، 12 سالن جو عطا محمد پٽ غلام حيدر، 12 سالن جو اسد الله پٽ امتياز، 13 سالن جي عائشه بيبي ڌيءَ محرم علي، 14 سالن جو ثناءَ اللہ پٽ محمد رمضان، 18 سالن جي سرائي پٽ محمد خان، 22 سالن جي صائمه خاتون زال ضمير علي، 23 سالن جو عبدالغفور پٽ گل بهار، 28 سالن جو عمران پٽ امداد علي، 30 سالن جي اميران خاتون زال عاشق علي، 32 سالن جو محمد حسن پٽ غلام عباس، 48 سالن جو مشتاق علي پٽ محمد عيدن، 52 سالن جي صدوران خاتون زال شفيع محمد، 54 سالن جو پيرسن محمد سبحان پٽ علي شير، 57 سالن جو پيرسن غلام شبير پٽ سعيد علي، 60 سالن جي حاجره خاتون زال پناهه علي ۽ 65 سالن جو غنويٰ بيبي ڌيءَ يعقوب علي شامل آهن، سمورن زخمين کي سندن وارثن ڌار ڌار زخمي حالت ۾ چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ قائم اينٽي ربيز ويڪسين سينٽر منتقل. سينٽر انتظاميه موجب رولو ڪتن جي چڪ سبب زخمي ٿيل سمورن زخمين جو واسطو لاڙڪاڻي شهر ۽ آسپاس جي علائقن سان آهي، سينٽر تي آيل سمورن ڏاڙهيل مريضن کي ويڪسين ۽ ضروري علاج ڏئي گهر روانو ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.