هزاره برادري جو قتل فرقيواراڻا فساد ڪرائڻ جي سازش آهي: رحمان ملڪ

اسلام آباد ( م ڊ ) گهرو معاملن بابت سينيٽ ڪميٽي بلوچستان جـِي علائقي مچ ۾ هزار برادري جي 13 ڄڻن جي قتل جي مذمت  ڪندي چيو آهي ته هزاره برادري جي ماڻهن جو قتل ملڪ ۾ فرقيوراڻي فساد ڪرائڻ دشمن جي سازش آهي.اسلام آباد ۾ سينيٽر رحمان ملڪ جي صدارت هيٺ گهرو معاملن بابت سينيٽ ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد ۽ ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ ڪرونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويل سينيٽر ڪلثوم پروين جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ٺهراءُ منظور ڪيو ويو.ڪميٽي پاران هزاره برادري جي 13 بيگناهه ماڻهن جي قتل جي مذمت ڪندي فاتح خواني ڪئي وئي، جڏهن ته ڏکويل ڪٽنب سان افسوس جو اظهار به ڪيو ويو.ڪميٽي چيئرمين رحمان ملڪ چيو ته هزاره برادري جي 13 ڄڻن جو قتل افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو عمل آهي، هزاره برادري تي حملو ملڪ ۾ فرقيوراڻا فساد پيدا ڪرڻ جي دشمن جي سازش آهي.هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ئي چيو هو ته ڀارت پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو آهي،شيعا ۽ سني ڀائرن کي اپيل آهي ته دشمن جي اٽڪل ۾ اچڻ بدران سازشن جو متحد ٿي مقابلو ڪيو وڃي.رحمان ملڪ وڌيڪ چيو ته ڊس انفوليب جي انڪشافن تي ڀارت خلاف انٽرپول ۾ وڃڻ گهرو وزارت جي ذميواري آهي، نئين گهرو وزير کي ڪميٽي ۾ اچڻ تي ڀليڪار ڪيان ٿو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.