حبيب جالب جي جدوجهد غريبن لاءِ هئي، ماڻهو کيس ڪيش پيا ڪرائين:طاهره حبيب

نامور انقلابي شاعر حبيب جالب جي ڌيءَ طاهره حبيب چيو آهي ته حبيب جالب جي سياسي جدوجهد غريب طبقي لاءِ  هئي ۽ هن جو ڪلام به پاڻ جهڙي پوئتي پيل ماڻهن لاءِ هو ، ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي طاهره حبيب جو چوڻ هو ته ڪجھ ماڻهو حبيب جالب کي ڪيش ڪرائي رهيا آهن جالب جي نالي تي ماڻهن ملڪيتون ٺاهيون آهن جن سان انهن جو  ڪو به تعلق يا واسطو ناهي،

طاهره حبيب جالب چيو ته اڄ ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪلب جي اڳوڻي صدر مرحوم عبدالحميد ڇاپرا جي ڪمي محسوس ٿي رهي آهي. طاهره حبيب اعلان ڪيو ته  13 مارچ 2021 تي حبيب جالب جي ورسي ڪراچي پريس ڪلب جي اڱڻ تي ملهائي ويندي. ۽ 24 مارچ تي آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ جشن جالب جي نالي سان پروگرام ڪيو ويندو.

رپورٽ-صادق سومرو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.