ڪمزور ماڻهن لاءِ وزن وڌائڻ جون بهترين غذائون

 

گهڻي قدر ماڻهو ٿولهه سبب پريشان هوندا آهن پر ڪجهه اهڙا به هوندا آهن، جيڪي پنهنجو وزن وڌائڻ چاهيندا آهن پر کاڌي پيتي باوجود انهن جو وزن ناهي وڌندو، جنهن جو وڏو ڪارڻ درست غذا نه کائڻ هوندو آهي ۽ جيڪڏهن توهان به اهڙن ماڻهن ۾ شامل آهيو ته پنهنجي غذا ۾ ڪجهه تبديليون آڻي وزن وڌائي سگهو ٿا.

وزن وڌائڻ لاءِ توهان کي پنهنجي غذا ۾ آهستي آهستي اضافو ڪرڻو پوندو، گڏوگڏ عذا جي چونڊ جو به خيال رکڻو پوندو.

کير:

کير ۾ پروٽين ۽ ڪاربوهائڊريٽ وڏي مقدار ۾ موجود هوندي آهي، توهان روز ٻه گلاس کير پي 14 گرام پروٽين حاصل ڪري سگهي ٿو.

بيضا:

بيضا پروٽين جو خزانو آهن، انهن ۾ اٽامن اي ۽ وٽامن بي 12 جي موجودگي انهن کي غذائيت سان ڀرپور بڻائيندي آهي، توهان پنهنجي نيرن بيضي سان ڪيو، اهو ماني سان يا وري اُٻاري به کائي سگهو ٿا.

ڪيلو:

وزن وڌائڻ لاءِ ڪيلو کائڻ جي صلاح ڏني ويندي آهي، هڪ ڪيلي ۾ 101 ڪيلوريز هونديون آهن، ان ۾ ڪاربوهائڊريٽ جي موجودگي ورزش کانپوءِ وڃايل توانائي بحال ڪندي آهي، اهو ئي سبب آهي جو رانديگر راند دوران ڪيلي جو استعمال ڪندا آهن.

مکڻ:

جيڪڏهن توهان کي مکڻ پسند آهي ته ان کي به پنهنجي غذا ۾ ضرور شامل ڪيو، ان ۾ فيٽس جي وڏي مقدار موجود هوندي آهي، 100 گرام مکڻ ۾ 81 گرام فيٽس هوندا آهن پر مکڻ جو استعمال مناسب مقدار ۾ ڪيو، ڇو ته ان ۾ موجود خالص فيٽس رت جي نالين ۾ ڄمي سگهن ٿا، جيڪو دل جي بيمارين جو سبب بڻجي ٿو.

پٽاٽو:

وزن ۾ واڌ لاءِ توهان جي غذا 40 سيڪڙو پروٽين ۽ ڪاربوهائڊريٽ تي ٻڌل هجڻ گهرجي، پٽاٽي ۾ ڪاربوهائڊريٽ ۽ امائنو ايسڊ وڏي مقدار ۾ هوندو آهي، جيڪي وزن وڌائڻ جو ذريعو آهن، وڌيڪ فائدي لاءِ توهان کَل لاهڻ بنا پٽاٽا کائو.

نوڊلز:

نوڊلز جي استعمال سان به توهان ڪاربوهائڊريٽ ۽ ڪيلوريز ۾ واڌ ڪري سگهو ٿا، گڏوگڏ انهن کي سبزين ۾ شامل ڪري توهان وٽامنز ۽ اينٽي آڪسيڊنٽس به حاصل ڪري سگهو ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.