ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته وزيراعظم کي رڳو پنهنجي اي ٽي ايم جي ڳڻتي آهي.
ٽوئيٽر تي جاري ڪيل ويڊيو بيان ۾ تحريڪ انصاف حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته انهن عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ ۾ صنعتي سرگرميون دم ٽوڙيندي نظر اچي رهيون آهن، ٽرانسپورٽ جو نظام به ڊانواڊول آهي پر وفاقي حڪومت ”سڀ سٺو آهي“ جو راڳ الاپڻ ۾ رڌل آهي.
عوام کا جینا دوبھر کردیا ہے، سندھ میں صنعتی سرگرمیاں دم توڑتی نظر آتی ہیں،ٹرانسپورٹ کا نظام بھی دگرگوں ہے مگر وفاقی حکومت” سب اچھا ہے” کا راگ الاپنے میں مصروف ہے،حکومت سندھ کومطلوبہ گیس فراہم نہ کرکے وفاق آئین سے صریحاً روگردانی کر رہی ہے اور وزیراعظم کو صرف اپنے ATM’s کی فکر ہے! pic.twitter.com/hAvz2MmY1h
— Murtaza Wahab Siddiqui (@murtazawahab1) January 4, 2021
هن چيو ته سنڌ حڪومت کي گهربل گئس فراهم نه ڪري وفاق آئين جي سڌي سنئين ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي ۽ وزيراعظم کي رڳو پنهنجي اي ٽي ايم جي ڳڻتي آهي.