اي آر واءِ ڊجيٽل جا ڏسندڙن لاءِ بهترين ڊراما

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اي آر واءِ ڊجيٽل پنهنجي روايت برقرار رکندي ڏسندڙن لاءِ بهترين ڊراما پيش ڪري رهيو آهي، جن ۾ ”اولاد ۽ ڊنڪ“ پنهنجو مثال پاڻ هوندا.

ان ڏس ۾ سينيئر ڪاپي ايڊيٽر م ش خ ٻڌايو ته سيريل ”اولاد“ اهڙن والدين جي ڪهاڻي آهي، جيڪي پنهنجي سڄي زندگي اولاد کي سنوارڻ ۾ گذاري ڇڏيندا آهن ۽ پوڙهائپ ۾ اولاد کين اڪيلو ڇڏي ڏيندي آهي ته هو پنهنجي ڪيفيت بيان ناهن ڪري سگهندا.

ڊرامي جي فنڪارن ۾ ايم احمد، مرينه خان، حسن رضوي، سنيتا مارشل، حنا جاويد، ماهه نور ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته ان جو ليکڪ سيد امير علي شاهه ۽ هدايتون عابس رضا جون آهن.

ڊرامو ”ڊنڪ“ ٻن ڀائرن جي ڪهاڻي آهي، جنهن جو ليکڪ محسن علي شاهه ۽ هدايتڪار بابر محمود آهي، جڏهن ته ان جي فنڪارن ۾ ثنا جاويد، بلال عباس، ياسره رضوي، نعمان اعجاز، ليليٰ واسطي ۽ ٻيا شامل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.