ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي سنڌ ۾ هن سال سياري جي مند ڊگهي هلڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي جي ترجمان خالد ملڪ موجب ڪراچي ۾ هلندڙ هفتي ٿڌ جي لهر برقرار رهي سگهي ٿي ۽ پارو 6 کان 8 ڊگري جي وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته عام طور تي سنڌ ۾ سياري جي مند 15 فيبروري تائين هوندي آهي پر هن ڀيري اها ڊگهي رهندي، سنڌ ۾ سيارو مارچ جي پهرين هفتي تائين رهي سگهي ٿو.
ترجمان موجب اولهه هوائن جو هڪ سسٽم اترين علائقن سميت وچ پنجاب ۾ پهچي چڪو آهي، هوائن جو سسٽم اربع جي صبح تائين رهڻ جو امڪان آهي.