پي ڊي ايم متحد آهي، هر ميدان ۾ حڪومت جو ڄمي مقابلو ڪنداسين: بلاول ڀٽو زرداري

 

ٺٽو (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ضمني چونڊون هجن يا سينيٽ چونڊون، هر ميدان ۾ حڪومت جو ڄمي مقابلو ڪنداسين.

ٺٽي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هڪ نالائق ۽ نااهل وزيراعظم اسان تي مڙهيو ويو آهي، پاڪستان معاشي ترقي جي شرح ۾ بنگلاديش کان به پوئتي آهي، اڄ خطي ۾ سڀ کان وڌيڪ مهانگائي پاڪستان ۾ آهي، عوام نااهل حڪومت سبب مهانگائي کي منهن ڏئي رهيو آهي، جيڪڏهن وزيراعظم وٽ مسئلن جو حل ناهي ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

هن چيو ته حڪومتي وزير سازش ڪري رهيا آهن پر پي ڊي ايم متحد آهي، پي ڊي ايم جي فتح پ پ جي فتح آهي، سمورا فيصلا پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان ٿيندا، ضمني چونڊون هجن يا سينيٽ چونڊون، هر ميدان ۾ حڪومت جو ڄمي مقابلو ڪنداسين، عوام کي اپيل ٿا ڪيون ته پي ڊي ايم جو ساٿ ڏئي، سڀ گڏجي حڪومت کي گهر موڪلينداسين ۽ عوامي حڪومت آڻينداسين.

سندس چوڻ هو ته جيستائين هٿ ٺوڪيو نظام هلي رهيو آهي قومي ڊائلاگ ممڪن ناهي، قومي ڊائلاگ اسيمبلي ۾ ٿي سگهي ٿو پر اڳ ۾ وزيراعظم استعيفيٰ ڏئي ۽ حڪومت گهر وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.