ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير لاعلاج ۽ موذي مرضن ۾ مبتلا 8 سزا يافته قيدين کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سنڌ جي گهرو کاتي ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر سينٽرل جيل ۾ قيد سزا يافته قيدين کي 4 مهينن لاءِ آزادي جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سزا يافته قيدين جا وارث 2 لک جو بانڊ ۽ شخصي ضمانت جمع ڪرائيندا.
سنڌ جي گهرو کاتي نوٽيفڪيشن موجب موذي مرضن ۾ مبتلا سزا يافته قيدين جي مستقل آزادي ۾ واڌ به ڪري سگهجي ٿي.
سنڌ ۾ جيل خانه جات، قيدين بابت قانون، عدالتي حڪمن ۽ ڪابينا کان منظوري کان پوءِ سزا يافته قيدين کي آزاد ڪيو ويو آهي.