سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ صوبائي رابطا عملدرآمد ڪميٽي جو اجلاس

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي ۾ منصوبي موجب محمود آباد نالي جي ٻنهي پاسن کان 12 فٽ ويڪرو روڊ ۽ فٽ پاٿ هوندي، ان ترقياتي ڪم دوران 56 گهر نالي جي اڏاوت سبب متاثر ٿيندا.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي سربراهي ۾ صوبائي رابطا عملدرآمد ڪميٽي جو اجلاس ٿيو.

سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان موجب اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، علي زيدي، سيد امن الحق ۽ صوبائي وزيرن ناصر حسين شاهه، سعيد غني، جي او سي ڪراچي ميجر جنرل محمد عقيل ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته محمود آباد نالي جي پلان تي اين اي ڊي يونيورسٽي تفصيلي سروي ۽ اسٽڊي مڪمل ڪئي آهي.

سندس چوڻ هو ته نالن جي صفائي ۽ ري ماڊلنگ سان اربن فلڊنگ جو خطرو گهٽ ٿي سگهي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.