نئون سال، واٽس ايپ جو 11 ورهيه پراڻو رڪارڊ ٽٽي ويو

ڇا اوهان اندازو لڳائي شگهو ٿا ته نئين سال جي موقعي تي سڄي دنيا ۾ مشهور ميسيجنگ ايپليڪيشن واٽس ايپ تي ماڻهن ڪيتريون ڪاليون ڪيون هونديون.

حقيقت ۾ ان موقعي تي ان ايپ جي 11 سالن جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪالز رڳو  هڪ ڏينهن ۾ ڪيل جنهنجو  انگ اکرن جو جواب ڏيڻ ڪنهن لاءِ به سولو ناهي.

ڇو جو ڪير سوچ سگھي ٿو ته واٽس ايپ تي نئين سال جي موقعي تي سڄي دنيا ۾ وائيس ۽ وڊيو ڪالز جي شرح ۾ 2019 جي ڀيٽ ۾ 50 سيڪڙو واڌ ٿي سگھي ٿي.

ڪووڊ جي وبا دوران ڪروڙين پنهنجن پيارن سان رابطو ڪرڻ  لاءِ واٽس ايپ جو سهارو ورتو.

انگن اکرن موجب واٽس ايپ تي 31 ڊسمبر جي شام هڪ ارب 40 ڪروڙ کان وڌيڪ آڊيو ۽ وڊيو ڪالز ڪيون ويون.

اهڙيءُ طرح فيسبڪ ۽ انسٽاگرام تي ساڍا 5 ڪروڙ کان وڌيڪ وڊيوز کي نشر ڪيو ويو.

31 ڊسمبر 2012 تي واٽس ايپ تي نئين سال جي موقعي تي سڄي دنيا ۾ 100 ارب کان وڌيڪ  پيغام موڪليا ويندا هئا. پر هن سال ميسيجنر جا  انگن اکر جاري ناهن ڪيا ويا.

31 ڊسمبر 2019 تي وڌيڪ پيغام ڀارت ۾ 20 ارب جي انگ ۾ موڪليا ويا جڏهن ته 100 مان 12 پيغامن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

واضح رهي ته سڄي دنيا ۾ واٽس ايپ واهپيدارن جو انگ 2 ارب کان وڌيڪ آهي ۽ 2018ع ۾ فيسبڪ ڊولپر ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ويو ته روزانو واهپيدار ان ايپليڪيشن تي 65 ارب پيغام موڪليا ويا جڏهن ته ٻه ارب منٽن جي وائيس ۽ وڊيو ڪالز ڪيا.

واٽس ايپ کي 2014ع ۾ فيسبڪ خريد ڪيو هو ۽ امڪان آهي ته 2021ع کان ان ايپليڪيشن ۾ واهپيدارن کي اشتهار ڏيکارڻ جو سلسلو به شروع ٿي وينديو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.