شيائومي صرف 5 منٽن ۾ 3 لک 50 هزار فونز وڪرو ڪيا

چين جي ناليواري ٽيڪنالاجي ڪمپني شيائومي طرفان تازو ئي ايم آءِ 11 فليگ شپ پيش ڪيو ويو آهي جنهن ريڪارڊ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.

شيائومي انڪشاف ڪيو آهي ته هن 5 منٽن ۾ 3 لک 50 هزار فونز وڪرو ڪيا آهن جنهن جي ڪل ماليت 230 ملين ڊالر آهي.

گذريل سال يعني 2020ع ۾ ٽاپ 5 بيسٽ سيلنگ اسمارٽ فونز ۾ 2 فونز شيائومي جا هئا.

هاڻ چين ۾ شيائومي جي ايم آءِ 11 فليگ شپ جي ٻي سيل جو آغاز 5 جنوري کان ٿيندو جنهن ۾ فونز جا 2 ويزن وڪري لاءِ پيش ڪيا ويندا جنهن مان هڪ چارجر سان گڏ ۽ ٻيو چارجر کان سواءِ هوندو.

ٻئي پاسي شيائومي پنهنجي نئين فون ايم آءِ 11 جو برانڊ امبيسيڊر ڪنهن مشهور شخصيت بدران ڪمپني جي سي اي او کي ئي بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ڪمپني جي مارڪيٽنگ ٽيم جو چوڻ آهي ته سي اي او لي جن کي فون جو برانڊ امبيسيڊر بڻائڻ جو فيصلو مداحن جي درخواست جي ڪري ويو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.