آئلينڊ اٿارٽي آرڊيننس جو مدو ختم ٿي ويو، ٻيٽ صوبي جي ملڪيت آهن: مرتضيٰ وهاب

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته آئلينڊ اٿارٽي آرڊينينس 31 ڊسمبر 2020 تي ختم ٿي ويو آهي، پي ٽي آءِ کي خبر آ ته تڪراري آرڊينينس تي سندن اتحادي ساٿ ڏيندا.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت ووٽ خاطر اسٽيل مل جي مزدورن سان واعدا ڪيا هئا، هاڻي پورهيتن جو ساٿ ڏيڻ بجاءِ کين بيروزگار ڪيو پيو وڃي، اسان مزدور دشمن پاليسي هلڻ نه ڏينداسين، ان معاملي تي وڏي وزير ڪميٽي قائم ڪئي آهي، ايندڙ هفتي وزيراعظم کي خط لکيو ويندو.

هن چيو ته پي ڊي ايم جھموريت جي ڳالهه ٿي ڪري، سياسي مخالفن لاءِ ميدان خالي نه ڇڏيو ويندو، اهو به طئي ٿيل آهي ته عمران خان جي حڪومت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ طريقي ڪار اختيار ڪيو ويندو.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته نواز شريف عدالت جي اجازت سان پاڪستان کان ٻاهر علاج لاءِ ويو آهي، اهو ئي بهتر ڄاڻي ٿو ته ڪڏهن سندس واپسي آهي.

مرتضيٰ وهاب چيو ته آئيلينڊ اٿارٽي آرڊيننس جو مدو ختم ٿي ويو، پي ٽي آءِ کي خبر هئي ته پارليامينٽ ۾ اڪثريت نه هجڻ سبب آرڊيننس منظور نه ٿيندو، تنهن ڪري آرڊيننس کي پارليامينٽ ۾ پيش نه ڪيو ويو، ٻيٽ صوبي جي ملڪيت آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.