ڪراچي: چائلڊ پورنوگرافي ۾ ملوث جوابدار گرفتار

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) ڪراچي ۾ ڪارروائي ڪندي چائلڊ پورنوگرافي ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.

ايف آءِ اي سائبر ڪرائم سرڪل موجب گلشن اقبال مان گرفتار ڪيل جوابدار عبدالقديم نينگري کي غير اخلاقي تصويرن ذريعي بليڪ ڪري پئسا گهري رهيو هو.

جوابدار نينگري جون تصويرون سندس ماءُ کي موڪليون ۽ پئسا گهريا، هن رقم نه ڏيڻ تي نينگري جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرڻ جون ڌمڪيون به ڏنيون هيون.

13 ورهين جي نينگريءَ جي ماءُ جي دانهن تي ايف آءِ اي ڪارروائي ڪندي جوابدار کي گلشن اقبال مان گرفتار ڪري ورتو.

جوابدار جي موبائل مان متاثر نينگري جون ڪيتريون ئي تصويرون هٿ آيون آهن، جڏهن ته جوابدار خلاف سائبر ڪرائم سرڪل ۾ ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.