”ادارن جو احترام ڪيون ٿا پر مداخلت تي چُپ نه ويهنداسين“

لاهور (ويب ڊيسڪ) اپوزيشن اتحاد پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي گرفتاري ڪئي وئي ته 72 ڪلاڪن ۾ حڪومت جي موڪل ٿي ويندي.

لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان ادارن جو احترام ڪيون ٿا ۽ تقدس ۾ ڪو فرق نٿا آڻڻ چاهيون پر جيڪڏهن ادارا سياست ۾ مداخلت ڪندا ته اسان وڏي واڪين چونداسين ته توهان پنهنجي حلف جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهيو، جيڪڏهن ان حوالي سان گرفتاري ڪئي وئي ته 72 ڪلاڪن ۾ پاڻ حڪومت جي موڪل ٿي ويندي.

هن چيو ته سازش لڪي ٿيندي آهي، اسان عوام سان گڏجي حڪومت جو خاتمو ڪري رهيا آهيون، حڪومت سامهون جنگ جو اعلان ڪري چڪا آهيون، دنيا ۾ ڪٿي به ڳالهين جا دَر بند ناهن ٿيندا پر ڳالهيون ڪنهن سان ڪيون؟ اسان جعلي حڪومت سان نٿا ڳالهائي سگهون.

سندس چوڻ هو ته سموريون سياسي جماعتون متحد آهن، 31 جنوري تائين اسان استعيفائن لاءِ مهلت ڏئي رهيا آهيون، ان کانپوءِ لانگ مارچ ٿيندو، اسان فلسطينين جو آواز بڻجنداسين، 21 جنوري تي اسان ڪراچي ۾ اسرائيل نامنظور ريلي شروع ڪري رهيا آهيون، ڪشمير کپائيندڙن خلاف به هڪ ڏينهن ملهايو ويندو، 5 فيبروري کي ڪشميرين سان يڪجهتي جي ڏينهن طور ملهائينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.