صحت واري عالمي اداري پهرين ڪورونا ويڪسين جي منظوري ڏئي ڇڏي

جنيوا(ويب ڊيسڪ) صحت واري عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) ڪورونا کان تحفظ لاءِ تيار ڪيل آمريڪي ڪمپني فائزر ۽ جرمن ڪمپني بائيو اين ٽيڪ کي گڏيل ويڪسين جي هنگامي استعمال جي منظوري ڏئي ڇڏي.

فائزر ۽ بائيو اين ٽيڪ نومبر جي وچ تائين ويڪسين جي ڪاميابي جا نتيجا جاري ڪندي چيو هو ته ويڪسين ڪورونا مان 95 سيڪڙو تائين تحفظ فراهم ڪري ٿي.

نتيجا جاري ڪرڻ کان پوءِ ڪمپنين ويڪسين جي منظوري لاءِ صحت واري عالمي اداري سميت ڪيترن ئي ملڪن کي درخواستون جمع ڪرايون هيون، جنهن ۾ سڀ کان پهرين برطانيا هن جي درخواست منظور ڪئي هئي.

سمورين ملڪن شروعاتي طور تي طبي رضاڪارن، سيڪيورٽي ۽ ريسڪيو اهلڪارن ۽  پيرسن ماڻهن کي ويڪسين هڻڻ جو سلسلو شروع ڪيو هو.

۽ هاڻ صحت واري عالمي اداري به ڄاڻايل ويڪسين جي هنگامي استعمال جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن کان پوءِ خيال ڪيو پيو وڃي ته هاڻ هڪ ئي وقت ڪيترائي ملڪ ان کي استعمال ڪرڻ جي منظوري ڏيندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.