سنڌ يونائٽيڊ پارٽي پاران اوٻاوڙي ۾ سنڌ سڀا جي قافلي ۾ شريڪ نياڻين جي ڪيل تذليل خلاف سڀاڻي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاھرن جو اعلان ڪيو ويو. جھمپير ۾ ناليواري ڪھاڻيڪار رسول بخش درس جي وڇوڙي تي وارثن سان تعزيت ڪرڻ بعد ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاھ صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت ۾ سڀ کان وڌيڪ قومي ڪارڪن کنڀي گم ڪيا ويا آھن، جن جو سالن تائين ڪو به ڏس پتو نه ٿو ڏنو وڃي، هن چيو ته پ پ حڪومت سنڌين جو تحفظ ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آھي.
زين شاهه چيو ته اوٻاوڙو پوليس جي غير انساني عمل خلاف سڀاڻي سنڌ جي ضلعي ھيڊڪوارٽرن ۾ ايس يو پي پاران احتجاجي مظاھرا ڪيا ويندا.