گهوٽڪي جي نادرا زونل آفيس سکر منتقل ڪرڻ واري عمل خلاف سياسي , سماجي اڳواڻن پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي ته ميان نثار خواجا , آغا نادر پٺاڻ , سڌير ميراڻي , مير حسن ميراڻي ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته گهوٽڪي جي نادرا زونل آفيس سکر منتقل ڪرڻ واري عمل جي هو سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا، هنن چيو ته نادرا زونل آفيس جي سکر منتقلي سان گهوٽڪي جي عوام جون تڪليفون ٻيڻيون ٿي وينديون ، ان موقعي ته سياسي , سماجي اڳواڻن چيف جسٽس ۽ وفاقي سرڪار کان مطالبو ڪيو ته فوري طور گهوٽڪي جي نادرا زونل آفيس جي منتقلي روڪي شهرين مان بيچيني ختم ڪئي وڃي .