ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 58 فوتگيون، هڪ هزار 853 نوان ڪيس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 58 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 18 سئو کان وڌيڪ نوان ڪيس پڻ سامهون آيا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا هڪ هزار 853 نوان ڪيس سامهون آيا، جنهن کانپوءِ متاثرن جو ڪُل انگ 4 لک 71 هزار 335 ٿي ويو آهي.

انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ 58 ڄڻا فوت ٿي ويا، ائين هيل تائين فوت ٿيندڙن جو گڏيل انگ 9 هزار 874 تي پهچي چڪو آهي.

اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 643 ڄڻن ڪورونا کي شڪست ڏني، جنهن کانپوءِ صحتياب ٿيندڙن جو گڏيل انگ 4 لک 22 هزار 132 ٿي ويو آهي، جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 39 هزار 329 آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.