لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز پنهنجي ڀيڻ جي نالي سان ٽوئيٽر اڪائونٽ کي جعلي قرار ڏئي ڇڏيو.
اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ڌيءُ اسما نواز شريف جي نالي سان ٽوئيٽر تي هڪ اڪائونٽ ظاهر ٿيو آهي، جنهن بابت مريم نواز وضاحت ڪري ڇڏي.
ن ليگ نائب صدر ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته منهنجي ڀيڻ اسما نواز جي نالي سان ڪيترائي ڪوڙا اڪائونٽ موجود آهن.
Pls report the fake account using my sister’s name. https://t.co/OqZsxw7agc
— Maryam Nawaz Sharif (@MaryamNSharif) December 26, 2020
مريم نواز جعلي اڪائونٽ جو اسڪرين شاٽ به شيئر ڪيو ۽ ماڻهن کي خبردار ڪيو ته اهي ڪوڙي اڪائونٽ کان پري رهن ۽ اهڙي ڪنهن به اڪائوٽ جي دانهن ٽوئيٽر کي ڏين.