پي ڊي ايم جي روڄ راڙي سان احتساب نه بيهندو: غلام سرور خان

 

ٽيڪسلا (ويب ڊيسڪ) هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان چيو آهي ته پي آءِ اي بابت يورپي يونين جا خدشا ختم ڪري ڇڏيا آهن.

ٽيڪسلا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي غلام سرور خان چيو ته قومي ايئر لائنز ۾ 8 نوان جهاز شامل ڪري رهيا آهيون.

اپوزيشن بابت ڳالهائيندي هن چيو ته اهي نيب قانونن ۾ ترميم چاهين ٿا، پي ڊي ايم اين آر او لاءِ دٻاءُ وڌائي رهي آهي پر پي ڊي ايم جي روڄ راڙي سان احتساب نه بيهندو.

سندس چوڻ هو ته سينيٽ چونڊن ۾ هارس ٽريڊنگ کان بچڻ لاءِ شو آف هينڊ چاهيون ٿا، پ پ جا گهڻا ماڻهو ۽ ن ليگ مان به هڪ ڌڙو استعيفيٰ نه ڏيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.