پورب ڄائي شهيد محترمه بينظير ڀٽو

27 ڊسمبر 2007ع تي لياقت باغ راولپنڊي ۾ پورب ڄائي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت پوري دنيا کي غم ۽ ڏک جي لهر ۾ لپيٽي ڇڏيو هو. شهيد راڻي اهوئي درد کڻي پنهنجي عوام وٽ پهتي هئي ته پنهنجي قائد محترم ذوالفقار علي ڀٽو وانگر اسان به اصولن تي مري مٽنداسين. هن وقت منهنجو ملڪ خطري ۾ آهي، ملڪ جو غيور ۽ بي باڪ عوام ملڪي صورتحال تي پريشان آهي. هن چيو ته منهنجي بابا ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي سموري زندگي غريبن لاءِ وقف ڪري ڇڏي. هو چوندو هو ته غريب منهنجا ساٿي آهن، آئون غريبن جو آهيان، آئون غريبن ساٿ ڪڏهن به ڪونه ڇڏيندس. منهنجا ڀائرو اهو اوهان کي ياد هجڻ گهرجي ته ڪوبه ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ عوام جي دلين مان ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي فڪر کي مٽائي نه سگهندو. اسان پنهنجي شهيدن جي خون جي فڙي فڙي کي زيان ٿيڻ نه ڏينداسين. طاقت جو سرچشمو عوام آهي، عوام ئي پنهنجي قائد ذوالفقار علي ڀٽو کي ملڪ جي وزير اعظم واري عهدي تائين اقتدار ڏياريو.

پيپلز پارٽي غريبن، مزدورن، محنت ڪشن، هارين ۽ مظلوم عوام جي بهتري ۽ فلاح وبهبود لاءِ جدوجهد شروع ڪري رکي آهي، اُها ان وقت تائين جاري رهندي جيستائين حقيقي معنائن ۾ استحصال کان پاڪ معاشرو قائم نٿو ٿي وڃي. 1973ع جو آئين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جن ئي ملڪ ۽ عوام کي ڏنو. هن منهنجي عوام ئي ان آئين جي پاسداري ڪئي آهي ۽ جڏهن اوهين پنهنجي ڀيڻ ۽ پنهنجي نياڻيءَ کي وزيراعظم جي منصب تائين پهچايو ته اسلامي دنيا جي پهرين خاتون وزيراعظم جي حيثيت سان دنيا ۾ پاڪستان جو نالو بلند ٿيو. پاڪستان پيپلز پارٽي عوام جي پارٽي آهي جيڪا عوام جي زخمن جي مرهم آهي. ياد رکو ته جيڪڏهن اوهان جو عوام مفلسي واري زندگي گذاري ٿو، اهو بنيادي حقن کان وانجهيل آهي ته پوءِ اوهان جي ملڪ جي مضبوطي کي يقيني بڻائي نٿو سگهجي. ان لاءِ اهو عهد ٿو ڪجي ته اڄ به ڀٽو خاندان انهن گهرن ۾ موجود آهي جنهن جي ڪچي ڇت برسات ۾ ٽمي ٿي. منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرو_شهيد ذوالفقار علي ڀٽو چيو ته آئون قائداعظم محمد علي جناح ۽ علامه اقبال جو جهنڊو سربلند رکڻ چاهيان ٿو ته جيئن دنيا تي ثابت ڪيو وڃي ته ڪروڙين عوام جي اها اسلامي مملڪت ڪماليت کي پهچي سگهي ٿي. اهو واضح ٿي ويو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومتن ملڪ ۾ هميشه امن قائم رکيو آهي. جناب ذوالفقار علي ڀٽو وقتائتو فيصلو ڪيو ته اسان گاهه کائينداسين پر ائٽم بم ضرور ٺاهينداسين ۽ ڪنهن کي به پاڪستان جي سالميت تي ميري اک کڻڻ ڪونه ڏينداسين ۽ اوهان ڏٺو دينا ۾ پاڪستان به هڪ ائٽمي طاقت ٿي اڀريو. آمريڪي وزير خارجه هنري ڪسنجر چيو ذوالفقار علي ڀٽو کي ائٽمي پروگرام ترت بند ڪرڻ لاءِ گذارش ڪيون ٿا. قائد عوام وراڻيو مسٽر ڪسنجر اها منهنجي وس جي ڳالهه ڪونهي. هي پاڪستاني قوم جو حق آهي ۽ پاڪستاني قوم پنهنجي حق تان دستبردار نٿي ٿي سگهي. مونکي اهو قبول آهي ته منهنجي لاش کي روڊن تي گهليندا رهو پر قوم سان غداري ڪري آئون تاريخ جو ڏوهي نه بڻجندس. منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرو مان پنهنجي عوام کي اهو ٻڌائڻ ٿي چاهيان ته جن سياسي يتيمن اوهان کي پئي گمراهه ڪيو ته بينظير واپس ڪونه ايندي پر مان پنهنجي زندگي داءَ تي لڳائي ۽ اندروني سازشن هوندي به اوهان ڀائرن ۽ ڀينرن جي وچ ۾ آهيان، مون کي ڌرتي پڪاري پئي، اڄ مان پنهنجو وچن نڀاهڻ آئي آهيان ڇو ته اسان حق تي آهيون ۽ حق جو سر بلند رهيو آهي. محترمه بينظير ڀٽو جي سونهري ورقن ۾ رقم ٿيل هن تاريخي تقرير کان پوءِ راولپنڊي جي جلسي کان واپسي دوران جڏهن پاڻ مٿي ۾ گولي لڳڻ سبب شهادت جو جام پيتائين ته پوري ملڪ پاڪستان ۾ ڪا اهڙي اک نه هوندي جنهن ٻه لڙڪ نه لاڙيا هجن. سنڌي ۾ چوڻي آهي ته رت دانگيءَ ڏانهن به وري پوندو آهي معنيٰ پنهنجن مائٽن جي رت جي ڪشش هڪ ٻئي ڏانهن مائل ڪندي آهي. منهنجو رب ٿو ڄاڻي محترمه بينظير ڀٽو جي خون جو گروپ آخر ڪهڙو هو،

A+ve, A-ve, B+ve, B-ve, O+ve and O-ve

الله اڪبر هن سنڌ ڌرتيءَ جي نياڻيءَ وارو خون جو گروپ ماءُ، ڀيڻ ۽ نياڻي جي رشتي سان هر گهر ۾ موجود هو. ڪنهن کيس امڙ ڪري پئي پڪاريو ته ڪنهن ڀيڻ ۽ نياڻي جي ناتي سان اوڇنگارون ڏئي پئي پڪاريو. ڪيترن ئي ڏينهن تائين ڪنهن به گهر ۾ ماني پچائڻ لاءِ چلهه نه ٻري هئي. جيئن هر سال جيان 10 محرم الحرام ۾ غم حسين جي ياد هر مسلمان مومنن جي دلين ۾ ماتم برپا ڪري ڇڏيندي آهي تيئن ئي 27 ڊسمبر جو اڀاڳو ڏينهن تيرنهن سالن گذرڻ کان پوءِ به سنڌ جي نياڻي جي شهادت تي زاروزار روئاري ڇڏيندو آهي. ايئن لڳندو آهي ته اسان جي نياڻي شهيد محترمه بينظير ڀٽو زنده آهي ۽ اڄ به اسان جي ملڪ پاڪستان جي وزيراعظم آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.