ٺري ميرواھ ۾ بي سهارا ، لاچار ۽ بيمار ماڻهن جي سهائتا لاءِ سھائتا گھر ۾ تقريب ڪوٺائي وئي جنھن جو خاص مھمان آئي بي اي جو وائيس چانسلر مير محمد شاھ ، ڊائريڪٽر سنڌ ايجوڪيشن يو ايس ايڊ حمزه خان ٽڳڙ ۽ ٽريڊ يونين سکر جو اڳواڻ مجيب احمد آخوند ۽ ٻيا شريڪ هئا .ان موقعي تي مھمان کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ اوڍايا ويا ۽ تحفا به ڏنا ويا، سھائتا گھر ۾ يوٽيوب چينل جو افتتاح پڻ ڪيو ويو، ان موقعي تي تقريب ۾ وڪيل عبدالقادر ڀٽي، ڊاڪٽر قربان علي سھتو، غلام مرتضيٰ ٻانڀڻ، پروفيسر عنايت الله جوڳي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.