انڙپور ۾ مانجهند تعلقي کي گئس ڏيارڻ لاء قدرتي وسيلن جي جدوجهد ڪميٽي طرفان شاهي بازار مان ريلي ڪڍي مين چوڪ تي علامتي بک هڙتال ڪري چلهيون ٺاهي ڇيڻن ۽ ڪاٺين تي ماني پچائڻ جو نمونو پيش ڪري انوکو احتجاج ڪيو ويو،ان موقعي تي ڪميٽي ڪنوينر خدا بخش ٿيٻو، سڌير رند ، ڪريم رند رزاق کوسو، رشيد کوسو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته انڙپور ۽ علي آباد مان يونائيٽڊ انرجي پاڪستان گئس ڪمپني وڏي عرصي کان گهڻي مقدار ۾ گئس ڪڍي ٻين صوبن ڏانهن موڪلي رهي آھي پر تعلقي مانجهند جي ڪنهن به شھر ۽ ڳوٺ کي گئس نه ملي سگهي آھي جنهن سبب عورتون ڇيڻا ٻاري زهريلي دونهي ۾ رڌ پچاء ڪندي ٽي بي دم جي بيمارين ۾ وٺجي ويون آهن ۽ سندن نظر ڪمزور ٿي وئي آهي، هنن چيو ته گئس ڪمپني مقامي بي روزگار نوجوانن کي روزگار ڏيڻ بدران ڌارين کي ڀرتي ڪري رهي آهي ، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي علائقي واسين کي گئس ڏياري نوڪرين ۾ ڀرتي ڪيو وڃي.
رپورٽ _ مومن جوڻو