بچل شاه ۾ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل ، وارثن پاران احتجاج ،ڌرڻو

سکر جي علائقي بچل شاه ۾ ھٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، وارثن پاران واقعي خلاف احتجاج ڪيو ويو،نيوپنڊ ٿاڻي جي حد شڪارپور ڦاٽڪ واٽ کير جي دڪان تي ھٿياربندن  جي فائرنگ ۾ نوجوان حبدار کروس مارجي ويو جڏهن ته ٻيو ڄڻو زخمي ٿي پيو،پوليس موجب ھٿياربندن کير جي دڪان تي ڪاھ ڪري فائرنگ ڪئي ، واقعي خلاف متاثرن مقتول نوجوان جو لاش سکر پريس ڪلب آڏو رکي احتجاج ڪري ڌرڻو ھنيو، زخمي ٿيل خان صوبل خروس سول اسپتال سکر ۾ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ داخل آهي.متاثرن علي گوھر.محبوب علي.غلام شبير ۽ عبدالغفور خروس جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي، سندس چوڻ هو ته سعيد آباد ۾ رھندڙ بدنام ڏوھاري پھلوان خروس انهن سان ناحق ڪيو آهي.هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي .

رپورٽ_ڪاشف ڦلپوٽو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.