سنڌ سڀا جو لانگ مارچ 32 هين ڏينهن مورو پريس ڪلب پهتو، ڀرپور آجيان

سنڌ مان کنڀي گم ڪيل مختلف پارٽين جي ڪارڪنن جي آزادي لاء ڪراچي کان نڪتل سنڌ سڀا جو لانگ مارچ 32 هين ڏينهن دولتپور مان نڪتو  جيڪو مورو پريس ڪلب پهتو، پنڌ مارچ جو سياسي سماجي ڌرين جسقم، ايس يو پي، پ ٽ الف، عوامي ورڪر پارٽي جي اڳواڻن يونس راھو، شاھنواز ڀٽي، فھميدا سنڌي، صبا سنڌي، ڪشش ڀٽي، مريم ڀٽي، بلاول ڏاھري، غلام اصغر زرداري، حاجي خان سمون، اشرف لغاري، مھراڻ سنڌي، ساجن ڪمار، جگديش ڪمار، اياز لغاري ۽ ٻين  پاران شاندار استقبال ڪيو ويو، قافلي ۾ موجود پانڌيئڙا هر اسٽاپ ۽ شهر ۾ پنهنجن پيارن جي جبري گمشدگي خلاف ۽ سندن آزادي لاء زوردار نعرا هڻي شهرين جو ڌيان ڇڪائي سنڌ سان ٿيندڙ ويساه گهاتين ۽ ظلم جا داستان ٻڌائي اڳتي وڌندا رهيا، جتي سنڌ سڀا سرواڻ سنڌي انعام خطاب ڪندي چيو ته هن ملڪ جي خالق سنڌ آهي ۽ سنڌ کي گذريل 73 سالن کان لٽيو ڦريو پيو وڃي، وفاق جي ان ڦر لٽ کان جيڪڏھن ڪير بيزاري جو اعلان ڪري ٿو ته ان کي ملڪي ادارا غيرآئيني ۽ غيرقانوني طريقي سان گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏين ٿا،  لانگ مارچ ۾ موجود ٻين اڳواڻن ڊاڪٽر نذير کوکر، نور محمد باگڙي، سنڌو امان چانڊيو، شازيا چانڊيو، حاني بلوچ، اصغر جمالي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو .

رپورٽ_ شاھنواز ڀٽي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.