موسميات ڪراچي ۾ ٿڌ وڌڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا سميت اتر بلوچستان ۾ سيءُ زور پڪڙي ويو جنهن جي ڪري ڪراچي ۾ به ٿڌ وڌي وئي آهي.

چمن، ڪوزڪ ٽاپ، زيارت ۽ قلات سميت اتر بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ برفباري کان پوءِ سيءَ ۾ واڌ ٿي وئي آهي.

ڪوئيٽا ۾ اڄ گهٽ کان گهٽ گرمي پد ٻڙي سينٽي گريڊ ريڪارڊ ڪيو ويو، بلوچستان ۾ برفباري ۽ مينهن جي ڪري سيءُ وڌڻ جا امڪان ظاهر پيا ڪيا وڃن.

موسميات کاتي ڪراچي ۾ به ڪوئيٽا جون هوائون هلڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي، موسميات کاتي چيو آهي ته اڄ رات کان ڪراچي ۾ ٿڌيون هوائون هلڻ شروع ٿي وينديون، شهر ۾ اها سيءَ جي لهر ٻن ٽن ڏينهن تائين برقرار رهندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.